باجوڙ مدرسي تي حملي جو نشانو ايمن الزواهري هو، ذريعن جي دعوا

وڪي اخبار کان

30 آڪٽوبر 2006

خبرن ۾ پاڪستان جي خفيه اداري جي حوالي سان دعوا ڪئي وئي آهي ته باجوڙ ايجنسي جي مدرسي تي حملي جو نشانو اصل ۾ القائده جو نمبر ٻه اڳواڻ ايمن الزواهري هو.

خبرن مطابق چيو پئي ويو ته حملو پاڪستاني فوج ڪيو آهي پر ذريعن دعوا ڪئي آهي ته اهو حملو پاڪستاني فوج نه پر آمريڪي فوج پاڻ ڪيو آهي.

دعوا مطابق ان حملي جي نتيجي ۾ القائده جا ٻه کان پنج سينئر ڪارڪن پڻ مارجي ويا آهن. بهرحال ان ڳالهه جي خاطري نه آهي ته ايمن الزواهري پڻ اتي موجود هو يا نه.

ذريعا