باجوڙ مدرسي ۾ مارجي ويل سمورا طالبان ويڙهاڪ هئا، صدر مشرف

وڪي اخبار کان

31 آڪٽوبر 2006

پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته باجوڙ ايجنسي جي مدرسي ۾ مارجي ويل سمورا ماڻهو بيگناه نه بلڪه طالبان ويڙهاڪ هئا. ”ڏکڻ ايشيا ۾ امن“ نالي هڪ سيمينار ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جتي به اهڙن ويڙهاڪن جو اطلاع ملندو ڪاروائي ڪئي ويندي.

صدر مشرف وڌيڪ چيو ته گورنمينٽ ڪنهن به اهڙي ماڻهو کي ڇوٽ نه ڇڏيندي جيڪو گورنمينٽ جي رٽ کي چيلينج ڪندو. هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي دنيا لاءِ وڏا چيلينج آهن جن کي منهن ڏيڻ ضروري آهي.

ذريعا

Militants killed in Bajaur not innocent people, says Musharraf