باجوڙ واقعي جي تحقيقات لاءِ سرحد جي وڪيلن پينل جوڙي ورتو

وڪي اخبار کان

5 نومبر 2006

باجوڙ مدرسي تي فوجي بمباري ۾ مارجي ويل 80 ڄڻن واري واقعي جي تحقيقات لاءِ سرحد جي وڪيلن ”فيڪٽس فائنڊنگس“ نالي هڪ پينل جوڙي ورتو آهي.

اهو پينل پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن، پشاور ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ۽ سرحد بار ڪائونسل مشترڪه طور ترتيب ڏنو.

پينل ۾ ڪريم محسود خان، بئريسٽر باچا، محمد خورشيد خان، قيصر رشيد، غلام نبي ۽ احمد زيب خان تي مشتمل هوندو. جيڪي باجوڙ واقعي جي مڪمل تحقيقات ڪري عوام آڏو آڻيندا.

ذريعا