باجوڙ ۾ قبائلين پاران آمريڪي جاسوس هجڻ جي الزم هيٺ هڪ شخص قتل

وڪي اخبار کان

3 نومبر 2006

باجوڙ ۾ قبائلين هڪ شخص کي آمريڪي جاسوس هجڻ جي شڪ ۾ قتل ڪري ڇڏيو آهي. محمد جان خان نالي مقتول جو لاش گولين سان پروڻ ٿيل مليو جنهن لاءِ ذريعن دعوا ڪئي ته ان کي پاڪستان ۽ آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزام تحت قتل ڪيو ويو.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني سيڪيورٽي فوسز باجوڙ جي هڪ مدرسي تي هوائي حملو ڪري 80 طالبن کي ماري ڇڏيو هو ۽ اتي پاڪستان ۽ آمريڪا خلاف شديد ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. قبائلين الزام مڙهيو هو ته اهو حملو آمريڪا ڪيو آهي.

ذريعا