برطانيه کان پوءِ تيونس ۾ پڻ حجاب تي پابندي، 81ع جي قانون تي عمل شروع

وڪي اخبار کان

برطانيه ۾ حجاب واري تنازعي کان پوءِ هاڻ تيونس ۾ پڻ عورتن جي حجاب تي پابندي وڌي وئي آهي، حجاب تي پابندي جو اهو قانون تيونس ۾ 1981ع ڌاري جوڙيو ويو هو.

پوليس ان قانون تي سرگرمي سان عمل ڪري رهي آهي. اُتان جي انساني حقن جي تنظيمن ان عمل جي سخت مخالفت ڪئي آهي.

1981ع جي قانون مطابق عورتون اسڪولن يا آفيسن ۾ پردي سان نٿيون رهي سگهن. تازو عورتن کان پوليس رستن تي نقاب لهرائي اهي وعدا ورتا ته اُهي اڳتي حجاب استعمال نه ڪنديون.

تيونس جي صدر جي چوڻ آهي ته اها هتان جي ثقافت نه آهي بلڪه ٻاهران آيل آهي. سرڪاري ذريعن مطابق انتهاپسند انهيءَ حجاب کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

ذريعا