برطانيه ۾ ڀارتي نزاد مسلمان عورت کي پردو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اسڪول انتظاميه برطرف ڪري ڇڏيو

وڪي اخبار کان

28 نومبر 2006

برطانيه ۾ ڀارتي نزاد مسلمان عورت کي اسڪول جي ٽائيم تي پردي ڪرڻ جي ڏوه ۾ اسڪول انتظاميه برطرف ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب اولهه يارڪشائر ۾ هڪ اسڪول جي انتظاميه ۽ 24 ساله عورت عائشه اعظمي ۾ تڪرار هلندڙ هو. عائشه اعظمي کي چيو ويو هو ته اسڪول ۾ نقاب ويڙهي نه اچي، هن اهڙي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

عائشه جي قانوني صلاحڪار چيو آهي ته اسان کي اڃا تائين لکت ۾ برطرفي جو سبب نه مليو آهي تنهنڪري ان کان اڳ ڪنهن به قسم جي اپيل نه ڪئي ويندي.

عائشه شادي شده آهي ۽ کيس هڪ ڌيءَ پڻ آهي. عائشه اسڪول ۾ ست کان يارنهن سالن جي ٻارن کي پڙهائيندي هئي جنهن مان 92 سيڪڙو ٻار مسلمان هئا.

ذريعا