برهمداغ بگٽي اسان جي حوالي ڪيو وڃي، پاڪستاني ايجنسي جي افغانستان حڪومت کان گهر

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

پاڪستاني انٽيليجينس ايجنسي افغانستان کان گهر ڪئي آهي ته نواب اڪبر بگٽي جو پوٽو برهمداغ بگٽي افغانستان ۾ موجود آهي ان کي پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيو وڃي، ايجنسي جي ذريعن مطابق اهڙيون ڳالهيون افغانستان سان هلي رهيون آهن ۽ جلد افغانستان سرڪار برهمداغ کي پاڪستان حوالي ڪندي.

ذريعن مطابق پاڪستاني ايجنسي دعوا ڪئي آهي ته کين ڄاڻ پئي آهي ته برهمداغ بگٽي قنڌار هليو ويو آهي جيڪو هاڻ ڪابل ۾ ڪٿي لڪل آهي، پاڪستاني ايجنسي گهر ڪئي آهي ته هن کي پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته برهمداغ بگٽي خون جي ڪيسن ۾ گهربل آهي.

ذريعا