بشير قريشي پاران قادر پور گيس جي نجڪاري خلاف تحريڪ جي حمايت جو اعلان

وڪي اخبار کان

بشير قريشي پاران قادرپور گيس فيلڊ جي نجڪاري خلاف ٽهريڪ جي حمايت..زبير زرار منگي...

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير احمد قريشي چيو آهي ته گئس، تيل ۽ ڪوئلو سنڌ جي ملڪيت آهن، جن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. بشير احمد قريشي گهوٽڪي ۾ قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري خلاف قائم بک هڙتال تي پهچي بک هڙتال ۾ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي بشير قريشي چيو ته جسقم قادرپور گئس جي نجڪاري خلاف احتجاجي تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندو . هن مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري وارو فيصلو جلد واپس وٺي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي وسيع ڪيو ويندو.