بغداد ڀرسان بم حملي ۾ چار آمريڪي فوجي مارجي ويا

وڪي اخبار کان

بغداد ڀرسان هڪ بم حملي ۾ چار آمريڪي فوجي مارجي ويا، بم هڪ رستي ۾ لڳل هو. ان کان علاوه صوبي دياله ۾ ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ فوجي صوبي انبار ۾ مارجي ويو.

چيو ويو آهي ته انهن مارجي ويل فوجين سميت هن مهيني مارجي ويل آمريڪي فوجين جو تعداد 67 ٿي ويو آهي.

اي ايف پي جي اندازن مطابق مارچ 2003ع کان پوءِ هن وقت تائين مارجي ويل آمريڪي فوجين جو تعداد ٻه هزار ست سو ستر کي پهچي ويو آهي.

ذريعا