بغداد ۾ سني مسجدن تي حملا، 31 ماڻهو مارجي ويا ڪيترائي زخمي

وڪي اخبار کان

25 نومبر 2006

عراق جي گادي واري هنڌ بغداد ۾ سنين جي مسجدن تي حملا ڪيا ويا جنهن ۾ 31 ماڻهن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا.

انهن حملن کي شيعه اڪثريتي علائقن ۾ ٿيل ڪار بم حملن جو ردعمل قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ ٻه سو کان مٿي ماڻهو مارجي ويا هئا.

حالتون خراب ٿيڻ کان پوءِ بغداد ۾ ڪرفيو نافذ ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪار بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي تدفين وقت ڪرفيو ۾ نرمي ڪئي وئي هئي. ان حملي ۾ ٿيل جاني نقصان کي سڀ کان وڏو جاني نقصان قرار ڏنو ويو هو.

ذريعا