بغداد ۾ پوليس کي 36 ڪلاڪن دوران مختلف علائقن مان 83 لاش مليا

وڪي اخبار کان

4 نومبر 2006

عراقي پوليس جي ذريعن مطابق کين گذريل 36 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن مان 83 لاش مليا آهن جن مان ڪجهه لاشن تي تشدد جا نشان پڻ موجود آهن.

بغداد جي پوليس کي گذريل خميس ۽ جمعي جي وچ واري وقت ۾ 58 لاش مليا جڏهن ته جمعي ڏينهن وڌيڪ 27 لاش لڌا ويا.

ذريعن مطابق انهن مان ڪافي ماڻهن کي فرقيوراڻه فسادن دوران ماريو ويو آهي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ڀُنگ لاءِ اغوا ڪندڙ گروهن هٿان مارجي ويا.

ذريعا