بلوچستان جي اصل قيادت سان ڳالهيون ڪيون وڃن، لبرل فورم پاڪستان جي ڪانفرنس ۾ مطالبو

وڪي اخبار کان

لبرل پاڪستان فورم جي ميزباني هيٺ مذاڪري ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان جي اصل قيادت سان ڳالهيون ڪري حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي.

مذاڪري ۾ مختلف اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان کي حق ڏيڻ کان هميشه نٽايو ويو آهي، پاڪستان مسلسل 1948ع واري ٺاهه جي خلاف ورزي ڪندو آيو آهي.

وڌيڪ چيو ويو ته بلوچستان جي حالتن جا ذميوار فوجي حڪمران ۽ سياستدان آهن، چونڊيل حڪومتن کي هٽائڻ واسطي هميشه ايجنسين پنهنجا هٿرادو سياستدان پيدا پئي ڪيا آهن.

نواب اڪبر بگٽي بلوچستان جي حقن واسطي جان جي قرباني ڏني پر ڪڏهن به حڪمرانن سان ٺاهه نه ڪيو. هن ڪڏهن به آزاد بلوچستان جي ڳالهه نه ڪئي هئي هو ته هميشه بلوچستان جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهيو هو.

ذريعا