بلوچستان جي شهر ڊيره بگٽي ۾ سابق بگٽي ڪمانڊر ڌماڪي ۾ مارجي ويو

وڪي اخبار کان

19 ڊسمبر 2006

بلوچستان جي شهر ڊيره بگٽي ۾ سابق بگٽي ڪمانڊر بنگان بگٽي هڪ ڌماڪي ۾ مارجي ويو جڏهن ته هن جا چار ساٿي زخمي ٿي پيا.

ذريعن مطابق بنگان بگٽي اڄ جڏهن ڪوئٽا کان اچي رهيو هو ته واٽ تي هڪ ڌماڪو ٿيو.

ٻئي طرف اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته بلوچستان لبريشن آرمي جي آزاد بلوچ ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.

آزاد بلوچ مطابق بلوچستان جي تحريڪ ۽ ان جي اڳواڻن سان غداري ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو.

ذريعا