بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو، ٻه ماڻهو مارجي ويا 15 زخمي

وڪي اخبار کان

14 نومبر 2006

پاڪستاني صوبي بلوچستان ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 15 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. اهو بم هڪ سائيڪل ۾ لڪل هو جيڪا ڪوئٽا جي هڪ هوٽل سامهون بيٺل هئي.

ذريعن مطابق رش واري وقت ۾ ان سائيڪل کي ڪو بيهاري ويو. ڪنهن به ڌر واقعي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. چيو ويو آهي ته هڪ ٻئي واقعي ۾ هڪ فوجي ۽ هڪ شهري پڻ حملي ۾ مارجي ويا آهن.

خبرن مطابق ڪوهلو ضلعي جي ڪاهان علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن سيڪيورٽي يونٽ انچارج کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو آهي.

ذريعا