بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو، ٻه پوليس اهلڪارن سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪي سبب ٻه پوليس اهلڪارن سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته هڪ گاڏي ۾ ڌماڪا خيز مواد موجود هو جيڪو ڪنهن مجمعي طرف نيو پئي ويو ته اوچتو ڦاٽي پيو. ان ڌماڪي سبب گاڏي ۾ موجود شخص پڻ مارجي ويو.

چيو ويو آهي ته ڌماڪو شاهراه گلستان جي مشن روڊ چوڪ تي ٿيو. جتي ڀرسان پوليس چوڪي هئي. ڌماڪي سبب ٻه پوليس اهلڪار ۽ گاڏي ۾ موجود شخص مارجي ويا. جڏهن ته ٽي ٻيا اهلڪار ۽ هڪ ٻار زخمي ٿي پيو.

ذريعا