بلوچستان جي ليکڪه نرگس بلوچ جو ڪتاب ”شينهن جو موت“ پڌرو ٿي ويو

وڪي اخبار کان

اسلام آباد ۾ نرگس بلوچ جي لکيل ڪتاب ”شينهن جي موت“ جي مهورتي تقريب ٿي گذري. ڪتاب جو موضوع بلوچستان ۽ نواب اڪبر بگٽي آهن. مهورتي تقريب ۾ ڪيترن ئي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي جنهن ۾ احمد فراز ۽ حاميد مير پڻ شامل هئا.

احمد فراز ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته نرگس بلوچ بلوچستان جو ڪيس عام ماڻهن اڳيان ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري داد لائق ڪم ڪيو آهي. ڪتاب جي ليکڪه نرگس بلوچ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مون بلوچستان جي حالتن کي ويجهڙائي کان ڏٺو آهي، هن جو چوڻ هو ته چوڌري شجاعت ۽ مشاهد حسين هڪ بهتر ڪوشش ڪئي هئي پر حالتن ٻيو رخ اختيار ڪري ورتو جنهنڪري حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون.

ذريعا