بلوچستان زلزلو 42 ڄڻا مارجي ويا، 68 زخمي

وڪي اخبار کان

بلوچستان زلزلو ..اپڊيٽ...زبير زرار منگي


       بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت الهندي وارن علائقن پشين، زيارت، پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب 41 کان وڌيڪ ماڻهو فوت 68 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

بلوچستان جي ڪوئيٽا، چمن، قلعه عبدالله، قلات، پَشِين،گنداواه، ڀاڳ ناڙي، لورالائي، تويا اَچڪزئي ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. پشين ۾ گهر ڪرڻ سبب هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا .

 زيارت ضلعي جي ڊي سي او ۽ ڊي پي او هائوس ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته زيارت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ جبلن تان ڇپون ڪرڻ سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ اتي 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ان بابت تصديق نه ڪئي وئي آهي.

زيارت ۾ امدادي ڪارڪنن پاران کوٽائي دوران 15 لاش هٿ آيا آهن جڏهن ته وڌيڪ ڪيترن ئي گهرن جي کوٽائي جاري آهي، جنهن لاءِ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مرندڙن جو تعداد وڌي سگهي ٿو. زيارت ضلعي ۾ زخمين جو تعداد وڌي 50 ٿي ويو آهي، جن کي زيارت اسپتال سميت ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي سي ايم سيڪريٽريٽ پهچي زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ صوبي جي تمام ڊي سي اوز کي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن. ڪوئيٽا جي بولان ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۽ سول اسپتال سميت بلوچستان صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي کي هنگامي بنيادن تي طلب ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته زلزلي سبب وڌيڪ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوه چِلتن ٻڌايو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري زلزلي متاثر خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي حڪومتي اختيارين کي فوري طور امدادي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.