بلوچستان مان افغان سرحد لڳ ڏه ماڻهو سرحد پار ڪرڻ جي الزام تحت گرفتار

وڪي اخبار کان

19 ڊسمبر 2006

پاڪستان جي صوبي بلوچستان مان افغان سرحد لڳ ڏهن ماڻهن کي غيرقانوني طور سرحد پار ڪرڻ جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.

ذريعن مطابق گرفتار ٿيلن ۾ پنچ ليويز اهلڪار پڻ شامل آهن. سرڪاري ذريعن مطابق بلوچستان ليويز جا پنج اهلڪار ۽ ٻيا پنج ماڻهو هڪ ٽرالي تي سوار ٿي سرحد پار ڪري ويا تنهنڪري کين افغان انتظاميه طرفان گرفتار ڪيو ويو.

ٻئي طرف اهي اطلاع پڻ آهن تي ٻنهي ملڪن ۾ سرحد بابت اختلافن جي ڪري اهو واقعو پيش آيو آهي. چيو ويو آهي ته باقائدي سرحد نه هجڻ سبب اهڙا واقعا ٿي ويندا آهن.

ذريعا