بلوچستان نيشنل پارٽي پاران ڇهن هفتن جي احتجاج جو اعلان، ڪوئٽا ۾ 11 ڊسمبر تي جلسو ٿيندو

وڪي اخبار کان

1 نومبر 2006

بلوچستان نيشنل پارٽي بلوچستان جي حقن جي حاصلات لاءِ ڇهن هفتن جي احتجاجي مهم جو اعلان ڪيو آهي. جنهن مطابق احتجاج جو آخري جلسو 11 ڊسمبر تي ڪوئٽا ۾ ٿيندو.

خبرن مطابق بي اين پي ان کي ”لشڪر بلوچستان“ جو نالو ڏنو آهي. اهو احتجاج هڪ لانگ مارچ جي صورت ۾ هوندو جيڪو ڇهه هفتا جاري رهندو. ان لانگ مارچ جي شروعات گوادر کان ٿيندي. جڏهن ته اها ريلي تربت، خضدار، قلات، مستونگ سميت ڪيترن ئي شهرن وٽان گذرندي.

ذريعن مطابق ”لشڪر بلوچستان“ جي اڳواڻي اختر مينگل ڪندو. ان ريلي جو آخري جلسو ڪوئٽا ۾ 11 ڊسمبر تي ٿيندو.

ذريعا