بلوچستان ۾ زلزلو، 19 فوت، 23 زخمي

وڪي اخبار کان

بلوچستان ۾ زلزلي جون تباهڪاريون.. رپورٽ: زبير زرار منگي..

     بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت پشين، چمن،  پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب 19 ڄڻا فوت ۽ 23 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ڪوئيٽا، چمن، قلعه عبدالله، قلات، پَشِين،گنداواه، ڀاڳ ناڙي، لورالائي، تويا اَچڪزئي ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. پشين ۾ گهر ڪرڻ سبب ٽي فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن،جڏهن ته زيارت واري علائقي ۾ گهر ڪرڻ سبب هڪ فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.

 سي سي پي او ڪوئيٽا صلاح الدين دعويٰ ڪئي آهي ته زلزلي سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي.
زيارت ضلعي جي ڊي سي او ۽ ڊي پي او هائوس ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته زيارت ضلعي جي مختلف علائقن مان 15 لاش هٿ آيا آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي کي هنگامي بنيادن تي طلب ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته زلزلي سبب وڌيڪ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوه چِلتن ٻڌايو پيو وڃي.