بلوچستان ۾ فوجي ڇانوڻي ويجهو مزاحمت ڪارن پاران پائپ لائن تباه

وڪي اخبار کان

23 آڪٽوبر 2006

بلوچستان جي علائقي سوئيءَ ۾ زير تعمير فوجي ڇانوڻي ڀرسان مزاحمت ڪارن پاران گيس پائپ لائن تباه ڪرڻ جا اطلاع آهن.

اطلاعن مطابق کوهه نمبر 40 مان سوئي گيس پلانٽ ڏانهن ويندڙ 22 انچ قطر واري پائپ لائن تباه ٿي آهي. ڌماڪي سان گيس جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي.

بي بي سي کي هڪ نامعلوم شخص پنهنجو پاڻ کي بلوچ آزادي پسند ظاهر ڪندي فون ذريعي پائپ لائن تباه ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪري ورتي. هن جو چوڻ هو ته نواب اڪبر بگٽي جي موت کان پوءِ بلوچستان جي آزادي واري تحريڪ وڌيڪ تيزي سان جاري رهندي.

ذريعا