بلوچستان ۾ قبيلائي ويڙهه 5 ماڻهو مارجي ويا

وڪي اخبار کان

25 آڪٽوبر 2006

عيد ڏهاڙي بلوچستان ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ دشمني سبب ويڙهه ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس ذريعن مطابق مگسي قبيلي جي ٻن ڌڙن وچ ۾ جهيڙي سبب پنج ماڻهو مارجي ويا. پوليس ٻن ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو آهي جن وٽان ڪلاشنڪوف هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي.

ذريعا