بلوچستان ۾ مزاحمت ڪارن پاران گيس پائپ لائن تباه، مختلف علائقن کي گيس فراهمي بند

وڪي اخبار کان

24 آڪٽوبر 2006

بلوچستان ۾ مزاحمت ڪارن پاران گيس پائپ لائن کي ڌماڪي سان تباه ڪيو ويو، ڪيترن ئي علائقن کي گيس جي فراهمي بند ٿي وئي. چيو ويو آهي ته سومر کان وٺي اهو ٽيون حملو آهي جنهن ۾ پائپ لائنن کي نقصان پهچايو ويو آهي.

ياد رهي ته بلوچستان ۾ حالتون ان وقت کان پوءِ وڌيڪ خراب ٿيون آهن جڏهن کان هڪ فوجي حملي ۾ نواب اڪبر بگٽي کي ماريو ويو هو.

ذريعا