بلوچستان ۾ نوشڪي ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي چار بم ڌماڪا، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو

وڪي اخبار کان

29 نومبر 2006

بلوچستان جي علائقي نوشڪي ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي چار بم ڌماڪن ٿيڻ جا اطلاع آهن ذريعن موجب انهن ڌماڪن سبب ريل جي پٽڙين کي نقصان پهتو، ان وقت ڪنهن به ٽرين جو ٽائيم نه هو.

مقامي پوليس موجب ڪنهن به انهن ڌماڪن جي ذميواري نه قبولي آهي جڏهن ته ان کان اڳ ٿيل اهڙن ڌماڪن بابت پوليس جو چوڻ هو ته اهي بلوچن ڪرايا آهن. پوليس ذريعن مطابق ريلوي پٽڙين جي مرمت ڪئي وئي آهي.

ذريعن مطابق بلوچستان ۾ اهڙن ڌماڪن پٺيان اهي قوتون ملوث رهيون آهن جن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي قدرتي وسيلن جهڙوڪ گيس وغيره تي وڌيڪ رائلٽي ڏني وڃي.

ذريعا