بلوچستان ۾ گرانڊ جرڳو، بلوچستان لاءِ ورهاڱي کان اڳ واري حيثيت بحال ڪرڻ جي گهر

وڪي اخبار کان

قلات ۾ خان آف قلات جي صدارت ۾ هڪ جرڳو ٿي گذريو جنهن ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جي بلوچ سردارن تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. بلوچ سردارن متفقه طور مطالبو ڪيو آهي ته بلوچستان جي ورهاڱي کان اڳ واري حيثيت بحال ڪئي وڃي.

اهو جرڳو پنهنجي نوعيت جي حوالي سان 100 سالن کان پوءِ ٿيو. جرڳي ذريعي ست نڪاتي اعلان ڪيو ويو. ان اعلان مطابق مطالبو ڪيو ويو ته گوادر ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن مان ملٽي نيشنل ڪمپنين سان اهڙا سمورا معاهدا رد ڪيا وڃن جن تي بلوچن جي رضامندي شامل نه آهي.

جرڳي ۾ اهو پڻ چيو ويو ته سرڪاري سرپرستي ذريعي بگٽي قبيلي جي ٿيندڙ جرڳن کي پڻ رد ڪيو ويو. جرڳي جي فيصلن بابت اعلان وقت موجود نوجوانن ”آزادي آزادي“ جا نعرا هنيا ويا.

جرڳو خان آف قلات سلمان دائود جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ نواب اڪبر بگٽي جي قتل جي سخت مذمت ڪئي وئي، ان کان علاوه اها به گهر ڪئي وئي ته نواب اڪبر بگٽي جي ملڪيت ان جي مخالفن ۾ نه ورهائي وڃي.

جرڳي گڏيل طور فيصلو ڪيو ته بلوچستان کي حق ڏيڻ جي حوالي سان انصاف جي عالمي عدالت سان رابطو ڪيو ويندو. اتي مطالبو ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ جاري فوجي آپريشن فوري طور بند ڪيو وڃي.

جرڳي ۾ ذوالفقار مگسي، بلخ شير مزاري، اختر مينگل سميت تقريبن نوي سردارن شرڪت ڪئي. جرڳي ۾ چيو ويو ته پاڪستان سان بلوچستان جي الحاق وقت مڪمل صوبائي خودمختياري جو معاهدو ٿيو هو ۽ بلوچستان جي سمورن وسيلن جا مالڪ بلوچ آهن.

ياد رهي ته ٽن رياستن کي جوڙي موجوده بلوچستان جي شڪل ڏني وئي هئي.

ذريعا