بلوچن جي آواز کي نٿو دٻائي سگهجي، گريٽر بلوچستان نيشنل ڪانگريس

وڪي اخبار کان

ناروي جي بلوچ تنظيم گريٽر بلوچستان نيشنل ڪانگريس جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته پاڪستاني سرڪار طرفان بلوچ ويب سائٽن کي بند ڪرڻ سان بلوچستان جي آواز کي بند نٿو ڪري سگهجي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪوبه اسان کي بلوچستان جي آزادي جي حاصلات کان روڪي نٿو سگهي، اهو اسان جو بنيادي حق آهي. پاڪستان کي چيڪوسلواڪيه، سربيه ۽ مونٽينگرو مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.

ذريعا