بمبئي بم ڌماڪا پاڪستان جي ايجنسين ڪرايا، بمبئي پوليس ڪمشنر

وڪي اخبار کان

بمبئي ۾ تازو ٿيل ريل ڌماڪن ۾ پاڪستان جون ايجنسيون ملوث آهن، انهن جي ئي همٿائڻ تي لشڪر طيبه انهي سازش کي عملي جامو پهرايو.

پاڪستان ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي. بمبئي جي پوليس ڪمشنر اي اين راءِ چيو آهي ته پاڪستان جي آءِ ايس آءِ انهن ڌماڪن ۾ ملوث آهي ۽ اڻ سڌي طرح سڄي سازش جي ذميوار پڻ آهي.

ڪمشنر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽي ٽيمون مختلف رستن کان ٿينديون بمبئي پهتيون، تقريبن يارنهن پاڪستاني انڊيا پهتا جن وٽ ڌماڪيدار مواد پڻ هو. ڪمشنر مطابق ملوث اهي پاڪستاني يا ته انڊيا مان فرار ٿي ويا آهن يا ڪٿي روپوش آهن.

ياد رهي ته پوليس هڪ همره ڪمال الدين انصاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سندن دعوا مطابق اهو پڻ انهن ڌماڪن ۾ ملوث هو.

ذريعا