بمبئي ٽرين ڌماڪن پويان پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جو هٿ هو، ڀارتي دعوا
ڏيک
4 نومبر 2006
ڀارتي ذريعن ٻيهر دعوا ڪئي ته بمبئي بم ڌماڪن ۾ پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جو هٿ هو. اها ڳالهه ڌماڪن جي الزام تحت گرفتار ٿيلن جي حوالي سان چئي وئي آهي.
ذريعن مطابق گرفتار ٿيل نورالهدا ۽ شبير احمد قبول ڪيو آهي ته آءِ ايس آءِ ڌماڪن ۾ ملوث آهي. اهڙي دعوا جاچ ڪندڙ ڀارتي ٽيم اينٽي ٽررسٽ اسڪواڊ آف بمبمئي پوليس ڪئي آهي. چيو ويو آهي ته گرفتار ٿيل 16 نومبر تائين جاچ لاءِ مذڪوره پوليس تحويل ۾ رهندا.