بمبئي ڌماڪا گجرات وارن فسادن جو پلاند هو، بمبئي ڌماڪن جي الزم هيٺ گرفتار همراه جي دعوا

وڪي اخبار کان

15 ڊسمبر 2006

ڀارتي سرڪاري ذريعن موجب بمبئي بم ڌماڪن جي الزام هيٺ گرفتار همراه محمد افضل شيخ دعوا ڪئي آهي ته بمبئي ڌماڪا گجرات ۾ ٿيل فسادن جو جواب هئا.

ذريعن مطابق محمد افضل پوليس کي ٻڌايو آهي ته هو انڊيا جي ماڻهن کي پاڪستان هٿيارن لاءِ موڪليندو رهيو آهي.

ڀارتي دعوا مطابق گرفتار ان همراه قبول ڪيو آهي ته هن ٻه مهينا ڪراچي ۽ مظفر آباد ۾ سکيا حاصل ڪئي آهي. اها سکيا خاص طور بمبئي ريل ڌماڪن لاءِ حاصل ڪئي وئي.

چيو ويو آهي ته افضل وڌيڪ قبوليو آهي ته هو لاهور هٿيارن لاءِ پڻ ويو هو. ان کان پوءِ هو ڪراچي ۽ مظفرآباد خاص سکيا لاءِ روانو ٿيو.

ذريعا