بنا جواز سنڌ ٽي وي جي نشريات بند ڪرڻ خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاجي مظاهرا

وڪي اخبار کان
فائل:Protestforsindhtv.jpg
سنڌ ٽي وي نشريات بحال ڪرائڻ لاءِ احتجاج (فوٽو: هلچل)

13 نومبر 2006

سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ جي نشريات کي بنا جواز پيمرا طرفان بند ڪرڻ خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

انهن احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ٽي وي کي بند ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ جي حڪمرانن ۾ تنقيد جي ٻڌڻ جي سگهه نه آهي. سکر، حيدرآباد، نوشهرو فيروز، دوڙ، پنوعاقل، سيوهڻ، ملير، شهدادڪوٽ، نيو سعيد آباد، ڪوٽ غلام محمد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي خلاف احتجاجي مظاهرا ٿيا ۽ ڌرڻا هنيا ويا.

جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ بشير قريشي سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نشريات کي هڪدم بحال ڪيو وڃي.

ٻئي طرف ايم ايم اي جي سربراه قاضي حسين احمد نشريات تي پابندي واري عمل کي غير قانوني سڏيندي ٽي وي نشريات جي بحاليءَ جي گهر ڪئي آهي.

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪري سيڪريٽري ذوالفقار سيال چيو آهي ته سنڌ ٽي وي جي نشريات کي بنا دير بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت احتجاجي تحريڪ هلائيندي.

دولت پور صفن مان مليل اطلاعن موجب پ پ پ جي ايم پي اي سسئي پليجو سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابنديءَ خلاف سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ آواز اٿارڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ذريعا