بنگلاديش: جنوري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي نگراني وارو اختلاف، فسادن ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا ڪيترائي زخمي

وڪي اخبار کان

25 نومبر 2006

بنگلاديش ۾ ايندڙ سال جنوري ۾ اعلانيل عام چونڊن جي نگراني وارو اختلاف نه نبرجي سگهيو آهي، فسادن ٻه حياتيون وڌيڪ ڳڙڪائي ڇڏيون جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

عوامي ليگ جي جنرل سيڪريٽري چيو آهي ته جيستائين مظفر الرحمان کي نه هٽايو ويندو ان وقت تائين صدر تي دٻاءَ لاءِ احتجاج جاري رهندو.

ٻئي طرف ڍاڪا يونيورسٽي مان مليل اطلاعن موجب صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي ۽ عوامي ليگ توڙي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي ڪارڪنن ۾ هڪٻئي خلاف تاءُ پکڙيل آهي.

ذريعا