بنگلاديش ۾ ايندڙ چونڊن ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ ڍاڪه سميت مختلف شهرن ۾ فوج پهچي وئي

وڪي اخبار کان

10 ڊسمبر 2006

بنگلاديش ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران امن امان قائم رکڻ لاءِ ڍاڪه سميت مختلف شهرن ۾ فوج پهچي وئي آهي.

بنگلاديشي وزارت داخله موجب ايندڙ اليڪشن کي نظر ۾ رکندي اهڙو قدم کنيو ويو آهي. اها هدايت عبوري حڪومت جي صدر ايازالدين احمد جاري ڪئي آهي.

ذريعن مطابق صدارتي محل جي آسپاس مظاهرن تي پابندي پڻ وڌي وئي آهي. اها پابندي عوامي ليگ جي مظاهرن کان پوءِ هنئي وئي آهي. ياد رهي ته عوامي ليگ مظاهرا ڪندي رهي آهي ته چونڊون منصفاڻيون ٿيڻ گهرجن، انهن ووٽر لسٽن خلاف پڻ آواز اٿاريو هو.

ذريعا