بنگلاديش ۾ سياسي بحران، صدر پاڻ نگران حڪومت جو سربراه بڻجي ويو

وڪي اخبار کان

29 آڪٽوبر 2006

بنگلاديش ۾ موجود سياسي بحران کي حل ڪرڻ واسطي ملڪ جي صدر پنهنجو پاڻ کي نگران حڪومت جو سربراهه بڻائي ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته خالده ضياء جي حڪومتي مدي پوري ٿيڻ کان پوءِ بنگلاديش ۾ احتجاجن دوران فسادن ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا هئا.

صدر پاران مداخلت سبب ڪنهن حد تائين ان تشدد ۾ گهٽتائي آئي آهي پر شيخ حسينه واجد صدر جي ان قدم جي مخالفت ڪئي آهي.

ذريعا