بينظير ڀٽو واپس اچي اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿي پر وزيراعظم نه ٿي ٿي سگهي، مشرف جا ويجها ذريعا

وڪي اخبار کان

28 نومبر 2006

پاڪستاني صدر جنرل پرويز مشرف جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته مشرف ان ڳالهه تي راضي آهي ته بينظير ڀٽو واپس اچي ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺي پر اها وزيراعظم نه ٿي ٿي سگهي.

ذريعن مطابق هو قانوني طور ٽيون ڀيرو وزيراعظم نه ٿي سگهندي، ٻئي طرف پ پ پ جي فرحت الله بابر جو ان باري ۾ چوڻ هو ته اسان ان قسم جي راءِ تي ويچاري رهيا آهيون.

نواز شريف لاءِ چيو ويو آهي ته اهو گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن تائين نه ئي واپس اچي سگهي ٿو ۽ نه ئي اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو.

ذريعا