بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف ملاقات، پاڪستان ۾ شفاف چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو

وڪي اخبار کان

20 آڪٽوبر 2006

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي ملاقات لنڊن ۾ ٿي گذري جنهن کان پوءِ مطالبو ڪيو ويو آهي ته قومي حڪومت جوڙي شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.

ٻنهي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ۾ اهو ارادو ورجايو ته هو ٻئي وطن واپس ورڻ چاهين ٿا. انهن چيو ته ايندڙ چونڊن کان اڳ وطن ضرور موٽندا پر تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي.

اها ملاقات ان صورتحال کان پوءِ ٿي آهي جڏهن ميڊيا ۾ پ پ ۽ حڪومت وچ ۾ خفيه رابطن بابت چوٻول هلندڙ هو.

بي نظير ڀٽو واضع طور چيو ته سندن حڪومت سان ڪي رابطه نه آهن. موجوده سيٽ اپ ۾ ڪنهن به مفاهمت جو امڪان نه آهي. بهرحال هن اهو قبول ڪيو ته عورتن جي حقن بابت ٿيندڙ قانون سازي سبب سندن مفاهمت حڪومت سان ضرور هئي.

ذريعا