بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي پاڪستان اچڻ نه ڏنو ويندو، صدر مشرف جي صدارت ۾ اجلاس جو فيصلو

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

صدر مشرف جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي پاڪستان اچڻ نه ڏنو ويندو.

صدر مشرف جي صدارت واري ان اجلاس ۾ وزيراعظم، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، سرحد ۽ بلوچستان جي گورنرن سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

صدر مشرف اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان جي ترقي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن به وڏي پارٽي سان مسلم ليگ (ق) پاران ڪو به اليڪشن اتحاد نه ڪيو ويندو.

ذريعا