بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي پاڪستان واپس ورڻ جي اجازت ڏني وڃي، يورپي يونين وفد

وڪي اخبار کان

22 ڊسمبر 2006

يورپي يونين جي هڪ پارلياماني وفد جي ميمبرن هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي پاڪستان واپس ورڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ چونڊون شفاف ٿي سگهن.

دوري جي اختتام تي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انهن وڌيڪ چيو ته ٻئي اڳواڻ جيڪڏهن اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿا ته کين واپس اچڻ ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن.

يورپي يونين وفد جو وڌيڪ چوڻ هو ته هر پارٽي کي اليڪشن ۾ حصيداري جو حق حاصل هجڻ گهرجي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه هجي. ياد رهي ته وفد جي ميمبرن صدر پرويز مشرف، وزيراعظم شوڪت عزيز سميت مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون آهن.

ذريعا