بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف 2007ع جي اليڪشن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن، صدر مشرف

وڪي اخبار کان

صدر مشرف چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف 2007ع جي اليڪشن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. هن اها ڳالهه اسلام آباد ۾ افطار پارٽي ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چئي.

هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جا ٻئي سابق وزير اعظم ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. هن کان جڏهن پ پ سان هلندڙ ڳالهين بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته هو ان ڳالهه تي ڪوبه تبصرو نٿو ڪرڻ چاهي پر سندس خواهش آهي ته ڪيئن به ڪري انتهاپسند قوتن کي اليڪشن ۾ شڪست اچي.

پنهنجي حڪومت جي حوالي سان هن چيو ته ايندڙ چونڊن کان پوءِ ان ڳالهه تي ويچاريو ويندو ته مونکي عهدي تي ڪيتري وقت تائين رهڻو آهي.

ذريعا