بي نظير ۽ نواز شريف کان سواءِ اليڪشن جي ڪابه اهميت نه هوندي، تهمينه دولتانه

وڪي اخبار کان

25 آڪٽوبر 2006

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ تهمينه دولتانه چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف کان سواءِ چونڊون ٿيون ته انهن جي ڪابه حيثيت نه هوندي. هن اها ڳالهه جيو نيوز تي ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته بي نظير ۽ نواز شريف وچ ۾ لنڊن ملاقات ڪامياب ثابت ٿي آهي. نواز شريف جو موقف هو ته گرينڊ الائنس جڙڻڻ گهرجي پر بي نظير جو چوڻ هو ته ان طرف بي صبري سان پيش قدمي نه ڪرڻ گهرجي.

تهمينه دولتانه جو چوڻ هو ته ٻئي ليڊر وطن واپس اچي چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿا پر حڪومت کين روڪي رهي آهي.

ذريعا