ترڪ فوج ۽ ڪُرد ويڙهاڪن ۾ جهڙپن دوران هڪ ترڪ فوجي ۽ ٽي ويڙهاڪ مارجي ويا

وڪي اخبار کان

24 نومبر 2006

ترڪ فوج ۽ ڪرد ويڙهاڪن ۾ جهڙپن دوران هڪ ترڪ فوجي ۽ ٽي ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. ويڙهاڪن جو تعلق ڪردستان ورڪز پارٽي سان ٻڌايو ويو آهي.

ذريعن مطابق ويڙهاڪن فائرنگ ڪري هڪ ترڪ فوجي ڪمانڊر کي ماري ڇڏيو ان جهڙپ ۾ هڪ ويڙهاڪ پڻ مارجي ويو.

ساڳي ئي علائقي ۾ هڪ ٻي جهڙپ دوران ٻه گوريلا مارجي ويا آهن. اتر عراق سان ملندڙ ان علائقي ۾ ڪردستان ورڪز پارٽي جا 5 هزار گوريلا موجود آهن. ترڪي ڪيترائي ڀيرا عراقي ۽ آمريڪي فوجن کي انهن خلاف ڪاروائي جو چئي چڪو آهي.

چيو ويو آهي ته 1984ع کان مذڪوره پارٽي جي ويڙهاڪن طرفان شروع ڪيل مهم کان پوءِ هن وقت تائين 30 هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن.

ذريعا