تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين خلاف احتجاج

وڪي اخبار کان

تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين خلاف احتجاج..رپورٽ: زبير زرار منگي.

سنڌ ايمپلائيز الائنس ۽ ڪلرڪ ايسوسيئيشن پاران مبينا طور تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين ۾ ڪلرڪن کي ملوث ڄاڻائڻ ۽ بالا آفيسرن کي بچائڻ جي ڪوشش خلاف اِي ڊي او آفيس حيدر آباد آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سنڌ ايمپلائيز الائنس ۽ ڪلرڪ ايسوسيئيشن جي سڏ تي اسدالله دراني، ظفر علي شاهه، عبدالرزاق، محمد علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ شريڪ تعليم کاتي جا ڪلرڪ ۽ ٻيو عملو سيڪريٽري تعليم، ڊي سي او حيدرآباد ۽ وقتي اِي ڊي او تعليم حيدرآباد خلاف نعريبازي پڻ ڪري رهيا هئا. اڳواڻن الزام مڙهيندي چيو ته تعليم کاتي ۾ ٿيل جعلي ڀرتين جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ذريعي جعلسازيءَ ۾ ملوث بالا آفيسرن کي بچائي 12 ڪلرڪن کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيوته جعلي ڀرتين ۾ 12 ڪلرڪن کي ملوث ڏيکاري کين ضلع بدري ڪرڻ جون سازشون سٽيون ويون آهن. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن تعليم کاتي ۾ ٿيل جعلي ڀرتين ۾ ملوث بالا آفيسرن کي بچائي ڪلارڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.