جاسوسي جي الزام تحت وزيرستان ۾ ٻن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو

وڪي اخبار کان

اُتر وزيرستان ۾ آمريڪين لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام تحت ٻن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. مارجي ويلن مان هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر هو جڏهن ته ٻيو افغاني هو.

پوليس ذريعن مطابق افغاني جي لاش ڀرسان هڪ خط پڻ مليو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته هي آمريڪي لاءِ جاسوسي ڪندو هو تنهنڪري کيس ماريو ويو.

جڏهن ته ڊاڪٽر منان کي پڻ آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزام تحت قتل ڪيو ويو هن جو لاش هڪ نالي مان مليو. ياد رهي ته حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ٿيل تازي معاهدي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ نه ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو هو.

ذريعا