جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ احتجاج

وڪي اخبار کان

جبري پورهئي وٺڻ خلاف احتجاجي مظاهرو: رپورٽ: زبير زرار منگي

ٽنڊو فضل، ٽنڊو حيدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سِرن جي بَٺن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جبري پورهيو وٺندڙن کان آزادي ڏيارڻ لاءِ حيدرآباد ۾ احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو. بٺن جي پورهيتن، عورتن ۽ ٻارن سميت هٿن ۾ بئنرز کڻي شهر جي مختلف رستن تي مارچ ڪيو ۽ شهباز بلڊنگ آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن سبب گاڏيون بيهجي ويون. پورهيتن جو چوڻ هو ته هو ٻه کان چار هزار رپيا ايڊوانس رقم وٺي بٺن تي ڪم ڪرڻ لاءِ آيا، جتي کين ڪم ڪندي 8 کان 10 سال گذري ويا آهن. هنن چيو ته ايترا سال سِرن جي بٺن تي ڪم ڪرڻ باوجود مٿن لکين رپيا ڪوڙو قرض چاڙهيو ويو آهي ۽ سندن چرپر تي بندش مڙهيل آهي، جنهن ڪري هو علاج به نٿا ڪرائي سگهن. پورهيتن چيو ته جبري پورهيو وٺندڙن کان آزادي ڏياري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙن جي هڪ وفد ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسيءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ بٺا مزدورن ۽ جبري پورهئي جي حوالي سان تحقيقاتي آفيسر مقرر ڪيو آهي. ڊي آءِ جي ثناءُ الله عباسيءَ پورهيتن تي واضح ته قانون مطابق هو آزاد شهري آهن ۽ کين ڪو به پئسن جي بنياد تي قيد نه ٿو رکي سگهي، ان ڪري هو پنهنجي مرضيءَ مطابق زندگي گذاري سگهن ٿا.