جرمن فوجن جا فوٽو انساني کوپڙين سميت شايع ٿيڻ تي نئون تنازعو شروع

وڪي اخبار کان

25 آڪٽوبر 2006

جرمن فوجن جون تصويرون هڪ اخبار ۾ شايع ٿيڻ تي جرمني ۾ تنازعي جنم ورتو آهي. فوٽن ۾ فوجن کي افغانستان ۾ انساني کوپڙين سميت ڏيکاريو ويو آهي، اهي فوٽو 2003ع ۾ نڪتل ٻڌايا ويا آهن.

جرمن فوج جي سربراهه چيو آهي ته تصوير ۾ موجود ٻن ماڻهن جي شناخت ٿي وئي آهي، انهن مان هڪ اڃا تائين فوج ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. انهن تصويرن جي حقيقت بابت تحقيقات ڪئي پئي وڃي.

جرمني جي وزير دفاع انهن تصويرن جي باري ۾ تحقيقات جو حڪم ڏنو آهي، هن جو چوڻ هو ته اهڙي حرڪت ڪندڙ فوجن لاءِ جرمنيءَ جي فوج ۾ ڪابه جاءِ نه آهي.

ذريعا