جسقم ڪمائي جو ذريعو بڻجي وئي آهي، آريسر بنيادي ميمبرشپ تان استعفا ڏئي ڇڏي، الزام ڪوڙا آهن، بشير قريشي

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

جيئي سنڌ قومي محاذ جي باني ۽ مرڪزي اڳواڻ عبدالواحد آريسر جسقم جي بنيادي ميمبرشپ تان استعفا ڏئي ڇڏي آهي. آريسر چواڻي ته جسقم هاڻي صرف ڪمائي جو هڪ ذريعو ٿي پئي آهي.

آريسر وڌيڪ چيو آهي ته جيئي سنڌ جا ڪيترائي ڌڙا ٿي ويا آهن جنهن ۾ خالق جوڻيجو، شفيع ڀرفت، بشير قريشي وغيره شامل آهن. هن چيو ته اسان جنهن جذبي تحت جسقم کي جوڙيو هو هاڻ انهن مقصدن تان پارٽي ڦري وئي آهي. آريسر سائين جي ايم سيد طرفان ڪنهن دور ۾ جوڙيل بزم صوفياءِ سنڌ ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف جسقم چيئرمين بشير قريشي جو چوڻ آهي ته آريسر جي الزامن ۾ ڪابه سچائي نه آهي جيڪڏهن کيس مون کان ڪي شڪايتون آهن ته مان کيس ڏهه ڀيرا پرچائڻ لاءِ تيار آهيان. هن وڌيڪ چيو ته وٽس آريسر جي باضابطا استعفا نه پهتي آهي.

ياد رهي ته سائين جي ايم سيد جي فوت ٿيڻ کان پوءِ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي ملائي جيئي سنڌ قومي محاذ جوڙيو ويو هو. جنهن تي آريسر سان اختلاف ڪندي ڪيترائي ورڪر کانئس ناراض پڻ ٿيا هئا.

ذريعا