جلد ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ٿيندي، بي نظير ڀٽو

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بي نظير ڀٽو چيو آهي ته هوءَ وطن واپس ورڻ چاهي ٿي پر حڪمران سندس اچڻ ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن. هن اها ڳالهه دبئي مان پارٽي ورڪرن کي ٽيليفون خطاب ۾ ڪئي.

بي نظير ڀٽو چيو ته اهو وقت پري نه آهي جڏهن هوءَ وطن واپس موٽندي ۽ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ٿيندي.

ياد رهي ته صدر مشرف چئي چڪو آهي ته ايندڙ چونڊون بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف کان سواءِ ٿينديون، ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم ظفر الله جمالي چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف هن ملڪ جا رهواسي آهن ۽ انهن جو پڻ ايترو ئي حق آهي جيترو ڪنهن ٻئي جو، هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي کي ايندڙ اليڪشن ۾ حصي وٺڻ جو حق حاصل آهي.

ذريعا