جمهوري وطن پارٽي جي عهديدارن استعفائون واپس وٺي ڇڏيون

وڪي اخبار کان

9 نومبر 2006

جمهوري وطن پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين عهديدارن پنهنجون استعفائون واپس وٺي ڇڏيون آهن. هنن اهڙو اعلان هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

ان ڪانفرنس ۾ نواب اڪبر بگٽي جو وڏو پٽ طلال بگٽي ساڻن گڏ هو پر صوبائي اسيمبلي جا ميمبر موجود نه هئا.

ٻئي طرف خان آف قلات سلمان دائود، عطا الله مينگل سان ملاقات ڪئي آهي.

پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري ٻڌايو ته عوام جي اسرار تي استعفائون واپس ورتيون ويون آهن. اسان جو خيال هو ته ٻيا دوست اچي اسان جي جاءِ والاريندا پر ائين ڪونه ٿيو.

خبرن موجب نواب اڪبر بگٽي جي پٽ جميل بگٽي جو چوڻ هو ته پارٽي جي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي استعفائون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته مون کي اڳ ئي خبر هئي ته اهي عهديدار استعفائون واپس وٺندا. اهي پارٽي کي سرڪار جي ويجهو آڻڻ چاهين ٿا.

ذريعا