جمهوري وطن پارٽي جي عهديدارن استعفائون ڏئي ڇڏيون

وڪي اخبار کان

28 آڪٽوبر 2006

نواب اڪبر بگٽي جي مارجي وڃڻ واري واقعي کان پوءِ هاڻي جمهوري وطن پارٽي جي ست عهديدارن استعفائون ڏئي ڇڏيون آهن.

بهرحال انهن عهديدارن مان جيڪي اسيمبلين جا ميمبر آهن انهن اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعفا نه ڏني آهي. استعفا ڏيندڙن ۾ هڪ سينيٽ ۽ ٻه صوبائي اسيمبلي جا ميمبر آهن.

نواب اڪبر بگٽي جي وڏي پٽ ردعمل ۾ چيو آهي ته هاڻي ايجنسيون پنهنجي راند کيڏي رهيون آهن. سندس چوڻ مطابق ان راند ۾ جميل بگٽي کي پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي.

ذريعا