جميعت علماء اسلام طرفان بلوچستان تي اسيمبليءَ ۾ بحث جو مطالبو

وڪي اخبار کان

20 آڪٽوبر 2006

متحده مجلس عمل جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ۽ جميعت علماء اسلام جي اڳواڻ حافظ حسين احمد حڪومت کان گُهر ڪئي آهي ته بلوچستان جي صورتحال تي اسيمبليءَ ۾ بحث ڪرايو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته اسيمبليءَ ۾ بحث ذريعي صوبائي خودمختياري بابت مسئلن تي پڻ بحث ڪري صوبن جا اختيار وڌايا وڃن.

حافظ حسين احمد مطالبو ڪيو ته هڪدم بلوچستان مان فوجي آپريشن ختم ڪيو وڃي ۽ بلوچستان جو گورنر مقامي رکيو وڃي.

ذريعا