جهونو دانشور ابراهيم جويو، قادر مگسي ۽ ٻيا ممتاز ڀٽي کان استعيفا واپس وٺڻ لاءِ ملاقات ڪندا

وڪي اخبار کان

17 نومبر 2006

جهونو دانشور محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر قادر مگسي، ايوب شر ۽ نظير ميمڻ تي ٻڌل چار رڪني وفد ممتاز ڀٽي کي پرچائڻ لاءِ ساڻس ڪراچي ۾ ملاقات ڪندو. ممتاز ڀٽي کي سنڌ قومي اتحاد جي قيادت تان ڏنل استعيفا واپس وٺڻ جو چيو ويندو.

مذڪوره وفد جي گڏجاڻي ترقي پسند هائوس حيدرآباد ۾ ٿي جنهن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ممتاز ڀٽي سان ملاقات ڪري کائنس استعيفا واپس وٺڻ جي گهر ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ قومي اتحاد متحرڪ بڻائي سگهجي.

ذريعا